تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارن انقلاب جي ائيرو اسپيس فورس جي ڪمانڊر مجيد موسوي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪيو، ڀلي اهو محدود ئي ڇو نه هجي ته ان جي نتيجي ۾ آمريڪي مفادن ۽ اڏن تي ”طويل ۽ دردناڪ حملا“ ڪيا ويندا.
مجيد موسوي چيو ته ”اسان ڏٺو آهي ته توهان جي علائقائي اڏن سان ڇا ٿيو، هاڻي اسان اهو ئي ڪجهه جنگي جهازن سان ڪنداسين “.
هن اهو بيان ان رپورٽ جي ردعمل ۾ ڏنو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته آمريڪي فوج ايران خلاف ”مختصر ۽ طاقتور“ حملن جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.