خطي جي صورتحال بدلجي رهي آهي، ايران پنهنجي جوهري ۽ ميزائل صلاحيتن جو تحفظ ڪندو: سپريم ليڊر

تهران (ويب ڊيسڪ)ايراني سپريم ليڊر مجتبى خامنه اي جو چوڻ آهي ته ايراني نار جو مستقبل آمريڪا جي موجودگي کانسواءِ روشن هوندو، تهران ۽ پاڙيسري نار ملڪن جو مقدر گڏيل آهي.
ايراني ميڊيا موجب، سپريم ليڊر مجتبى خامنه اي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خطي ۾ پرڏيهي عنصرن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، نار ۽ آبي گذرگاهن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو،
آبي رستن تي دشمن جي رنڊڪن جو خاتمو ڪيو ويندو، آبناءَ هُرمز جي نئين نظم سان امن، ترقي ۽ معاشي فائدا حاصل ٿيندا.
هن وڌيڪ چيو ته جنگ کانپوءِ نار ۽ آبناءِ هُرمز ۾ نئين مرحلي جي جوڙجڪ ٿي رهي آهي، 28 فيبروري تي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ خطي ۾ تبديليون آيون، نئين مرحلي ۾ خطي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال بدلجي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.