علي امين پاران مولانا فضل الرحمان کي پاڳل خاني موڪلڻ جو اعلان

پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور مولانا فضل الرحمان کي چريو قرار ڏئي ڇڏيو، علي امين گنڊاپور ريٽرننگ  آفيسرن جا نالا ”وال آف شيم“ تي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيل علي امين گنڊا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هو هڪ ڪارڪن سان ڳالهائي رهيو آهي.ڪارڪن تجويز ڏني ته ڌانڌلي ۾ ملوث رٽرننگ آفيسرن جون تصويرون وال آف شيم تي لڳايون وڃن.جنهن تي علي امين گنڊاپور چيو ته رٽرننگ آفيسرن کي پهريان هتان ٻاهر ڪڍيو وڃي پوءِ وال آف شيم تي تصويرون لڳايون وينديون.ٻئي طرف پي ٽي آءِ ڪارڪن جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان جو به ذڪر ڪيو آهي.ڪارڪن چيو ته مولانا صاحب اڄڪلهه ناراض آهي.جنهن تي علي امين گنڊاپور چيو ته مولانا فضل الرحمان چريو ٿي ويو آهي، کيس پاڳل خاني ۾ وجهي ڇڏينداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.