صدارتي چونڊ ۾ ڪي پي اسيمبلي جي حلف برداري مسئلو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ملڪ جا طاقتور حلقا حڪومت سازي جي مرحلي کي جلدي مڪمل ڪرڻ چاھين ٿا،جيئن تھ 11 مارچ تي  سينيٽ جي 50 سيڪڙو ميمبرن جو مدو ختم ٿي رھيو آھي.ان ڪري سينيٽ جي نون ميمبرن جي چونڊن کان اڳ نئين صدر چونڊڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو.سينئر صحافي نصرت جاويد جو چوڻ آھي تھ صدر جي چونڊن کان اڳ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي حلف برداري جو مرحلو مڪمل ٿي وڃي.

 

ڇاڪاڻ جو اھي صدر جي چونڊن جا اليڪٽوريل ڪاليج آھن.آئين موجب 29 فيبروري تائين ھر صورت ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻو آھي.جنھن بابت چيو پيو وڃي تھ اھو اجلاس 28 يا 29 فيبروي تي طلب ڪيو پيو وڃي،جنھن ۾ چونڊيل ميمبر قسم کڻڻ بعد انھن جي اوليت اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ آھي.ان بعد وزيراعظم چونڊيو ويندو.نصرت جاويد موجب حڪومت سازي لاءِ ، رات جي وقت جڏھن بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪئي ھئي تھ ھن چيو ھو تھ وزيراعظم جي چونڊجڻ جي ٻن ٽن ڏينھن اندر صدر چونڊيو ويندو.

 

نصرت جاويد چيو تھ شايد ھن جو خيال ھوندو تھ ڪٿي شھبازشريف پاڻ چونڊرائڻ کان پوءِ ڦري نھ وڃي،ھن جو چوڻ ھو تھ جيڪڏھن ڪنھن صوبائي اسيمبلي ۾ حلف برداري جو عمل مڪمل نھ ٿيندو،جئين ڪي پي ڪي جو معاملو آھي،جتي اڃان مخصوص سيٽن جو فيصلو نھ ٿي سگھيو آھي تھ اھو ڪجھھ مسئلو ٿي ويندو.ڇاڪاڻ جو صدر وفاق پاڪستان جي علامت ھوندو آھي، انڪري سمورا اليڪٽوريل ڪاليج مڪمل ھئڻ گھرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.