پروفيسر منور ٽالپر سنڌ هاري ڪميٽي جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ جو مرڪزي ڪنوينشن ۽ شاھھ عنايت شهيد ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ڪنوينشن ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ جي گذريل باڊي جي ڪم جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي نئين مرڪزي باڊي جي چونڊ ٿي، جنھن موجب مرڪزي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر، سينيئر نائب صدر انجنيئر مصطفي راڄپر، نائب صدر ملجي مل، جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ڏامرو مل، جوائنٽ سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال، سوشل سيڪريٽري ڪامريڊ ارباب رستماڻي، پريس سيڪريٽري ڪامريڊ ستار گھوٽو ۽ خزانچي ڪامريڊ ڏيارام چونڊيا ويا.

 

 

جڏهن ته ان سميت 16 ماڻھن تي مشتمل مرڪزي ڪميٽي پڻ چونڊي وئي. 17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.