پ پ کي پرامن احتجاج به قبول ناهي: اياز لطيف

ڪراچي(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج دوران قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري  مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون ۽ نصرت خاصخيلي سميت جي ڊي اي، جي يو آءِ ڪارڪنن تي بدترين تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آھي ته  سنڌ حڪومت آمريت جي ياد تازي ڪئي آھي. پيپلز پارٽي مينڊيٽ تي ڌاڙو ھڻڻ کانپوءِ وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آھي. جن کي پرامن احتجاج قبول ناھي، جيڪي ھٿين خالي ڪارڪنن کان خوفزده آھن،

 

جيڪي سچ جو آواز ٻڌي نٿا سگھن، اھي ڪڏھن به جمھوري نٿا ٿي سگھن. پيپلز پارٽي جا ھاٿي وانگر ڏيکارڻ جا ڏند ھڪڙا آھن، اصل ۾ ھي عوام دشمن، سنڌ دشمن، انصاف دشمن، قانون دشمن، جمھوريت دشمن آھن. 144 ھڻڻ کانپوءِ سڄي ڪراچي کي ۽ ٽال پلازائن کي ڪنٽينر رکي سيل ڪيو، ھزارين گاڏين جا قافلا روڪي، ڳوڙھا گئس، لاٺي چارج ۽ پٿر ھڻي زخمي ڪرڻ بعد مينڊيٽ چور نمائندن کي حلف کڻايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته  اڄ ھٿين خالي نياڻين، نوجوانن ۽ بزرگ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان دھشتگردي ڪئي وئي آھي. جنھن کي ڪاري ڏينھن طور ياد ڪيو ويندو.اياز لطيف پليجي  چيو ته هڪ طرف ڪوڙا ٺپا ھڻي ڌانڌلي ڪري اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي ۽ ٻي پاسي اسان جي پرامن قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن تي سخت تشدد ۽  کين گرفتار ڪري بدترين ۽ ڪوڙي جمهوريت جي شروعات جو ڍونگ رچايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته  هاڻوڪي اليڪشن ۾ ٿيندڙ بدترين ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪرڻ اسان جو آئيني حق آهي۔ اسان جي سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن کي وارن مان جهلي پوليس موبائيلن ۾ اڇلي آمريت جو دور ورجايو ويو آهي، اهڙي بدترين تشدد کي اسان ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون،اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ جو عوام ڪڏھن به ظلم اڳيان نه  جھڪيو آھي، سنڌ جي وحدت، وسيلن جي مالڪي ۽ ڪوڙي مينڊيٽ خلاف جدوجھد جاري رهندي اياز لطيف پليجي چيو ته  8 فيبروري جي جعلي نتيجن کي سنڌ سميت پاڪستان جو 25 ڪروڙ عوام ھڪ دفعو ٻيھر رد ڪري ٿو وفاق ۽ پاڪستان جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي، سنڌ سوچي رهي آهي ته  يا ته  توهان سڀ مڪمل لاتعلق آهيو يا توهان پيپلز پارٽيءَ جا سهولتڪار ۽ حصيدار آهيو. ڇا توهان سنڌ ۾ پندرهن سالن جي ڪرپشن، غربت، بيروزگاري ۽ بدترين حڪمراني کان لاتعلق آهيو؟ ڪنهن سوچيو آهي ته  ان معاملي جا سياسي، سماجي ۽ معاشي نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جيڪڏهن سنڌ مان ڦرلٽ بند نه ڪئي وئي ته  ماڻهو وفاق کان مايوس ۽ لاتعلق ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي  چيو ته  عام تاثر اهو آهي ته  جيئن ئي چونڊون اينديون آهن، سياسي ڌانڌلي جي سازشن کان پوءِ، نيٺ اهو معاملو ٿيندو آهي، اليڪشن ۾ ھميشه سنڌ سان ڌوکو ڪيو ويندو آهي سنڌ ۾ پندرهن سالن جي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ، رياست، ادارا ۽ عدليه لاتعلق ڇو آهن؟ اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ اسيمبلي ۽ وفاقي پارليامينٽ ۾ ايماندار ماڻهن جي ڪا به جاءِ ناهي، پيغام ڏنو پيو وڃي ته  يا ته  پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي وڃو يا وفاقي سياست کان لاتعلق رهو. اياز لطيف پليجي چيو ته  عوام سمجهي ويو آهي ته  ڪرپشن خلاف بيان رڳو ڏيکاءُ آهن، ماڻهو به سوچين ته  شايد سنڌ جي معاشي تباهي جو اصل مقصد آهي پاڪستان پنهنجي اهم حصي سنڌ جي حڪمراني، خوشحالي ۽ ميرٽ کان لاتعلق آهي،هن چيو ته  بيوروڪريسي، اڳواڻن ۽ صنعتڪارن کي پيغام ڏنو پيو وڃي ته  جيڪڏهن سنڌ ۾ رهڻو آهي ته  پ پ زنده باد چوڻو پوندو. هي پيغام آهي ته  باقي ٽن صوبن ۾ تبديليون اينديون رهنديون، سنڌ جا حڪمران ساڳيا رهندا. اياز لطيف پليجي چيو ته  اها حقيقت آهي ته  اڄ تائين ڪنهن به ڪرپٽ وزير، آفيسر يا اسيمبلي ميمبر کي سزا ناهي ملي. اهي چونڊون پيپلز پارٽي کي وڪڻي ڏنيون ويون آهن.سنڌ 15 سالن کان ملڪ جي سياسي ايجنڊا جو حصو ناهي رهي سنڌ جي عوام جون شڪايتون فوري طور ٻڌيون وڃن، تڪليفن جو ازالو ڪيو وڃي.ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، صبا سمون، بختاور چنڊ، ساجده ابڙو ، ھميرا خاصخيلي، عارضو ابڙو قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جي الطاف خاصخيلي، عنايت لاشاري،معشوق چانڊيو، علي حسن چانڊيو، عطا مڱريو، نياز مڱريو نطير بليدي، گلي ٺاڪر، مٿن ٺاڪر، غلام محمد سومرو، سميت ٻه سو ڪارڪنن کي پوليس سنڌ اسيمبلي اڳيان شديد لاٺي ڪرڻ کانپوءِ گرفتار ڪري آرٽلري ٿاڻي سميت مختلف ھنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.