شاهراهه فيصل سميت مختلف هنڌن تي ٽريفڪ جام، گاڏين جون قطارون

ڪراچي: جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتن جي احتجاج سبب ڪراچي جي مصروف ترين شاھراھ فيصل تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي، مسافر سخت ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي ويا، ٽريفڪ سخت متاثر، بسون به ڦاٿل آهن. تفصيل موجب ڪراچي ۾ جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتن جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي پوليس شاھراھ فيصل تي مختلف هنڌن تي رڪاوٽون لڳائي ڇڏيون، جنهن سبب نرسري کان ڪارساز تائين سخت ٽريفڪ جام ٿي وئي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون. شاھراھ  فيصل تي ڪارساز کان ايف ٽي سي تائين سخت ٽريفڪ جام سبب گاڏيون ڦاٿل رهيون، شاھراھ فيصل تي ٽريفڪ جام ۾ ڦاٿل شهري پنهنجون گاڏيون پاسي تي رکي پيادل هليا ويا، جميعت علماءِ اسلام ف طرفان شاهراهه  فيصل تي ڪارساز ويجهو وڏو احتجاج ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.