ڪراچي: شاهراهه فيصل تي احتجاج سبب مسافرن کي ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، جنهن سبب اڏام جو شيڊول پڻ متاثر ٿيو. فلائيٽ شيڊول متاثر ٿيڻ سبب ڪراچي کان دبئي، ڪراچي کان مسقط، ڪراچي کان لاهور ۽ ڪراچي کان اسلام آباد جون اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون.