ڌانڌلي جي نالي تي ڪيل ڊرامن سان بليڪ ميل نه ٿينداسين: بلاول

ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل وٽ وزيراعظم لاءِ نمبر نه آهن، عمران خان شهباز شريف جي مقابلي ۾ پنهنجو اميدوار نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ايم ايف کي خط  لکڻ سان ڪجهه نه ٿيندو باقي پاڪستان ۾ بحران وڌي ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه نيو ڪراچي ۾ 12 سالن جي پ پ ڪارڪن جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سني اتحاد ڪائونسل ڪارڪنن سان سچ ڳالهائي انهن وٽ وزيراعظم آڻڻ لاءِ گهربل ووٽ نه آهن، پي ٽي آءِ شهباز شريف جو رستو نه روڪيو آهي، شهباز شريف وزيراعظم ٿيندو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ جو شڪريو ادا ڪندو، منهنجي خيال ۾ عمران خان شهباز شريف آڏو اميدوار نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو هوندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ سان پي ٽي آءِ قيادت جو چهرو به عوام آڏو اچي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي ملڪي مفاد کان وڌيڪ پنهنجي سياست عزيز آهي، اهڙي عمل سان  ٻيو ڪجهه نه ملڪ ۾ بحران وڌندو، بي روزگاري ۽ مهانگائي وڌندي،  هن چيو ته ڪراچي ۾ اليڪشن دوران اسان جا ٻه ڪارڪن شهيد ڪيا ويا، ڪيس به اسان جي ڪارڪنن تي ڪيا ويا، چونڊ عمل دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت ٺهڻ بعد چونڊ عمل دوران ٿيل پرتشدد واقعن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ويندي، ۽ ملوث ماڻهن کي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏئي ڪارڪنن سميت سڀني کي انصاف فراهم ڪيو ويندو جئين آئنده اهڙا واقعا نه ٿين، ڌانڌلين جي الزام بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سياسي پارٽيون ڌانڌلين جا الزام بليڪ ميلنگ لاءِ لڳائي رهيون آهن، اسان ان بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، هن چيو ته ڪراچي جي ٻن صوبائي جي سيٽن پي ايس 124 ۽ پي ايس 125 تي فارم 45 تحت پ پ فتح حاصل ڪئي پر اسان سان ڌانڌلي ڪري سيٽون ڪنهن ٻئي کي ڏنيون ويون، اسان ثبوتن سان گڏ قانوني جنگ وڙهنداسين،، هن چيو ته ثبوت ڏئي چونڊ ڌانڌلين ۾ انصاف وٺنداسين جيڪڏهن انصاف نه مليو ته پوءِ ايندڙ لانحه عمل جوڙينداسين، جيڪي ڌانڌلين تحت سياست ڪن پيا اهي هاڻي وري احتجاج پيا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.