لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ مان استعيفيٰ ڏيندڙ رٽائرڊ جسٽس شاهد جميل چيو آهي ته سندس استعيفيٰ دٻاءُ نه پر نظام خلاف بغاوت آهي، ججن کي فيصلا ڪندي خوف ختم ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ وڪيلن جي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس رٽائرڊ شاهد جميل چيو ته غلط ڪم ڪرڻ کان بهتر آهي ته عهدو ڇڏي ڏنو وڃي، ٿورڙي تعداد بار، سياسي پارٽين، ادارن ۽ نظام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ نظام کي پنهنجي مرضي سان هلائي رهيا آهن. هن چيو ته ڪجهه جج غير يقيني صورتحال ۾ مبتلا آهن. جسٽس رٽائرڊ شاهد جميل دعويٰ ڪئي ته ٽرائل دوران مٿس ڪڏهن به دٻاءُ نه رکيو ويو ۽ واضح ڪيو ته استعيفيٰ دٻاءُ ۾ نه آئي پر سندس استعيفيٰ نظام خلاف بغاوت آهي.