مٽياري/ نيوسعيدآباد ( رپورٽ: ضمير خاصخيلي، مشتاق راهو) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علاما راشد محمود سومرو چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کانسواءِ ڪا به حڪومت نه ھلي سگھندي، ڪنھن ۾ ھمت آهي ته حڪومت ھلائي ڏيکاري، جنھن ڏينھن به سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي حلف کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو ته جمعيت علماءِ اسلام جا 10 لک ڪارڪن سر تري تي رکي ڪفن ٻڌي سنڌ اسيمبليءَ جو گھيراءُ ڪندا، ھنن جعلي مينڊيٽ وارن کي حلف کڻڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي ڪرسي تي ويھڻ ڏينداسين، ڪارڪنن کي اھو به ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته گھيراءُ دوران گرفتاريون به ٿي سگھن ٿيون ۽ شھادتون به ملي سگھن ٿيون ڪارڪن پئسا نه ھئڻ جي صورت ۾ گھر جا سونا زيور کپائي به اسيمبليءَ جي گھيراءُ لاءِ پھچن، هن چيو ته 1970۾ مينڊيٽ جو احترام نه ڪري ملڪ کي ٽوڙيو ويو ھن وقت به مينڊيٽ چورائي ملڪ جي يڪجهتي خلاف ڪم ڪيو پيو وڃي سنڌ جي سوداگرن سنڌ جي سڀني وسيلن کي کپائي ڇڏيو آھي ڪروڙين رپين جي عيوض سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي خريد ڪري سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل تي راتاھو ھنيو ويو، اھڙن چورن کي ھاڻي ڪڏھن به برداشت نه ڪنداسين، راشد محمود سومرو نيو سعيدآباد باءِ پاس ٽول پلازه تي ڪراچي کي پشاور سان ملائيندڙ قومي شاهراه تي لڳايل 7ڪلاڪن واري ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته زرداري جي مرضي سان آر اوز ۽ ڊي آر اوز کي لڳايو ويو ويو جن ڌانڌلين ذريعي پ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو نگران وڏي وزير تڪبندين ذريعي ڌانڌلي ڪرائي ۽ ھائوسز مان لسٽون آيون ته ھي پرزائيڊنگ ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيا وڃن، موجوده پير پاڳاري ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي قائد مولانا فضل الرحمان به 70 سال اڳ سورھيا بادشاھ ۽ شيخ الھند جي تاريخ ورجائي آھي اسان سنڌ جا وارث انگريزن جي اولاد کي ڀڄائي ساھ کڻنداسين، اسان مولانا فضل الرحمان جي حڪم تي ڪفن ٻڌي نڪتا آھيون چورن کي دفن ڪري وطن کي خوشحالي طرف وٺي وينداسين، اسان چورن کي برداشت نه ڪنداسين پنھنجي چورايل مينڊيٽ کي واپس ڪرائي رھنداسين.