”ڪميشن جي ڀرتي صرف سياسي ماڻھن ذريعي ٿئي ٿي“

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين ۾  ميرٽ جي لتاڙ خلاف داخل درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته ايس پي ايس سي جا عملدار گذريل ڏينهن ڏنل عدالتي حڪم باوجود اميدوارن جا انٽرويو لائيو اسٽريم تي ھلائڻ وارو نوٽيفڪيشن پيش نه ڪري سگھيا، جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سھتو تي مشتمل ڊويزنل بينچ ٻئي ڏينھن به پٽيشن تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذارن جا وڪيل سجاد احمد چانڊيو ۽ ارشد پٺاڻ اميدوارن سميت عدالت ۾ پيش ٿا، جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪنٽرولر عبدالحفيظ لغاري به موجود هو، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو عدالت کي ٻڌايو ته ڪميشن جي ڀرتي صرف سياسي ماڻھن ذريعي ٿئي ٿي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ھر ڀرتي جي اشتھار کان اڳ سنڌ جي ھر علائقي ۾ ريٽن جا اعلان ٿين ٿا. جنهن تي جسٽس شمس الدين عباسي چيو ته درخواستگذارن جو وڪيل جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي اهي عام ٿي رهيون آهن اسان به هتان جا ئي آهيون، عدالت ڪميشن جي عملدار کان پڇاڻو ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي عملدارن کي حڪم ڏنو ھو ته لائيو اسٽريم جا نوٽيفڪيشن پيش ڪن، ڇا اوھان نوٽيفڪيشن آندا آھن؟ جنهن تي ڪميشن جي عملدار عدالت کي ٻڌايو ته وقت ڏنو وڃي آئون اڪيلو سر فيصلو نٿو ڪري سگھان، چيئرمين ڪميٽي ميمبرن جو اجلاس ڪري پوءِ اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، اهڙي جواب تي عدالت چيو ته توھان وٽ ڀرتين جو ڪھڙو مڪينزم آھي، ميونسپل آفيسرن جي ڀرٿي ۾ توھان وٽ انٽرويو رڪارڊنگ ڪٿي آھي، توھان کي ڪالھه حڪم ڏنو هو ته رڪارڊنگ کڻي اچو اوھان ڇو نه کڻي آيا، لوڪل گورنمنٽ جون ڀرتيون مذاق ناھن ھي سوال صرف درخواستگذارن جو ناھي سڄي صوبي جو سوال آھي، درخواستگذارن جي وڪيلن عدالت کي آگاهه ڪيو ته اسان وٽ ثبوت موجود آھن، سنڌ جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي بنگلن جا پٽيوالا ۽ سندن ونگاري پاس ٿي ويا آھن جن کي ڪجھه لکڻ بہ نٿو اچي جنهن تي سرڪاري وڪيل جواب ڏيندي چيو ته درخواستگذارن جي وڪيلن جا الزام غلط آھن جيڪي عدالت آيا آھن انھن مان 10 درخواستگذار ٽائون آفيسر ۾ پاس ٿيا آھن، جواب ۾ درخواستگذارن جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته افسوس ٿي رھيو آھي ته ميونسپل آفيسر جي ڀرتي وارا درخواستگذار لکت ۾ 90 کان 95 مارڪون کڻن ٿا انٽرويو ۾ 2 يا اڍائي مارڪون کڻن ٿا پوءِ ھڪ مھيني ۾ ٽائون آفيسرن جي ڀرتي ۾ هڪڙا وري لکت ۽ انٽرويو ۾ پاس ٿي وڃن ٿا، اھڙا ڪھڙا ڪاٽن جا ڪپڙا پائي آيا جو پاس ٿيا، معاملي کي ٺارڻ لاءِ 10 اميدوارن کي ٽائون آفيسر ۾ پاس ڪيو ويو ته جيئن ھو ڪيس تان ھٿ کڻن. عدالت وڪيلن جا دليل ۽ اميدوارن جا بيان ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.