اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) حڪومت سازي جي مرحلي دوران ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ ڳالھيون ٿيون،جنھن ۾ وفاق ۾ ٽن وزارتن سان گڏ سنڌ جي گورنرشپ بھ طلب ڪري ورتي.ايم ڪيو ايم ھن وقت جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي برقرار رکڻ چاھي ٿي. جڏھن تھ ن ليگ ان تي ٿوري ناخوش آھي.ن ليگ وٽ فقط ٻھ گورنر جو سيٽون آھن ھڪ بلوچستان ۽ ٻي سنڌ جي، ان ڪري اھا چاھي تھ سنڌ ۾ اھا پنھنجو ئي ڪو گورنر مقرر ڪري.ڇاڪاڻ جو پ پ بھ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جو گورنر نٿي چاھي.ايم ڪيو ايم چٽو ڪري ڇڏيو آھي تھ اھو اسان جو حق آھي ان تان ھٿ نھ کڻندا.ن ليگ پاران نھ مڃڻ تي اھو اتحاد خطري ۾ پئجي سگھي ٿو.ھاڻي اھو فيصلو نوازشريف کي ڪرڻو آھي. امڪان آھي تھ اھا سيٽ ن ليگ کي ايم ڪيو ايم ئي ڏيڻي پئجي وڃي.