اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پارٽي نه ڇڏي ها ته مريم نواز کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏي ها، منهنجي ۽ عباسي جي سوچ هڪ آهي، محمد زبير اسان جي گروپ ۾ ناهي نئين حڪومت کي سڀ کان پهريان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو، ڪجهه شعبن تي ٽيڪس لڳائڻي پوندي، نجڪاري کي تيز ڪرڻون پوندو، جيڪڏهن حڪومت نجڪاري نٿي ڪري ته بجلي ۽ گئس مهانگي رهندي، هڪ انٽريو ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته شاهد خان عباسي پهريان ميان محمد نواز شري کي ٻڌائي چڪو هو ته پارٽي مريم نواز جي حوالي ڪئي ويندي ته هو پوئتي هٽي ويندو، هن چيو ته چونڊن ۾ اربين روپيا خرچ ٿيڻ جي باوجود هي تڪراري ان لاءِ ٿي ويون جو سڀ کان وڏي جماعت ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيوته اليڪشن 2018 تي پاڪستان مسلم ليگ ن کي خدشا هئا ۽ هاڻي پاڪستان تحريڪ انصاف کي آهن، سڀ کان پهريان ڪجهه خرچ گهٽائڻ پوندا، ڪجهه شعبن تي ٽيڪس لڳائڻو پوندو، جهڙوڪ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر تي زراعت ۽ دڪاندارن تي به ٽيڪس لڳائڻو پوندو ۽ ٽئين شي نجڪاري واري عمل کي تيز ڪرڻو پوندو، هن چيو ته مان هو به مڃان ٿو ته سان زيادتي ٿي آهي ۽ ان کي سيٽون گهٽ مليون آهن. پر ٻين پارٽين خان صاحب کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن