پاڪستان ۾ چونڊ ڌانڌلين جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي: آمريڪا جو ٻيهر مطالبو

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي عام چونڊن ۾ مداخلت ۽ ڌانڌلي جي الزامن جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته چونڊن ۾ مداخلت ۽ ڌانڌلي جي الزامن جي پاڪستان جي قانون ۽ طريقيڪار تحت مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.ميٿيو ملر وڌيڪ چيو: ‘مان سفارتي ڳالهين تي بحث نه ڪندس پر اسان اهو واضح ڪيو آهي ته اسان بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جي الزامن جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهيون ٿا.’

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.