ڀٽائي آباد ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان يوسي چيئرمين قتل، 6 ڄڻا زخمي

ڪراچي اوڀر (رپورٽ:شفقت نوناري)ڪراچي جي علائقي مليرڪينٽ ٿاڻي جي حد ڀٽائي آباد ۾ گذريل رات دير سان مگسي ۽ سنجراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ معاملي کي ٽارڻ لاءِ پهچندڙ نوجوان ۽ يونين ڪائونسل بختاور ڳوٺ جو چئيرمين صابر علي مگسي گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ اسد مگسي، پنھل مگسي، شعيب مگسي، حسنين ۽ ٻيا شامل آهن، ٻئي طرف سنجراڻي برادري جي زخمين ۾ منصف سنجراڻي، معراج سنجراڻي ۽ سجاد سنجراڻي شامل آھن، جڏهن ته پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ ھٿ ڪري ورتا آهن. پوليس جو چوڻ آھي تھ واقعو ٻارڙن جي جھيڙي سبب پيش آيو جنھن کان پوءِ فائرنگ ٿي. واقعي واري ھنڌ تان پسٽل ۽ ريفل جا خول مليا آھن، فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان پ پ اڳواڻ صابر مگسي يوسي 9 بختاور ڳوٺ جو چيئرمين هو. واقعي جي خبر علائقي ۾ باهه جيان پکيڙجي وئي، علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل رهيو،  يو سي چيئرمين صابر مگسي جي جنازي نماز مگسي چوڪ تي ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڪراچي جو ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد، پ پ اڳواڻ نجمي عالم، ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، پ  پ ايم پي اي يوسف بلوچ، وڪيل خان محمد شيخ، قومپرست اڳواڻ نورالدين جمالي، آل مگسي ويلفيئر جو چيئرمين قربان مگسي، ايس ٽي پي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي، رجب مگسي، يوسي 10 ڀٽائي آباد جي چيئرمين افتخار احمد، اي ڊي سومرو، عالم پنهور، ذوالفقار سومرو سميت علائقي واسين هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد سندس مڙهه گهر ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف مقتول جا والد خادم حسين مگسي ٻڌايو ته ٻارن جي ڳالهه تي ٿيل جهيڙو پٽ ختم ڪرائڻ ويو ته پوليس جي موجودگي ۾ ٽارگيٽ فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪيو ويو آهي ۽ پوليس ڏسندي رهي، هن وڌيڪ چيو ته پوليس جي موجودگي ۾ قاتل آساني سان فرار ٿي ويا. پ پ ايم اين اي حڪيم بلوچ، ايم پي اي يوسف بلوچ، ڊپٽي ميئر سلمان مراد چيو ته صابر مگسي علائقي جو پرامن ۽ متحرڪ نوجوان هو ۽ سدائين علائقي جي رهواسين جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي پر ان کي شهيد ڪري وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي، قاتلن کي فوري گرفتار ڪري شهيد صابر مگسي ۽ سندس خاندان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.