هدايت لوهار جو قتل ڪيس ووارثن جي مرضي موجب داخل ڪيو وڃي: وومينز ایڪشن فورم

حيدرآباد( پ ر) وومينز ایڪشن فورم پاران  پنھنجي والد جي قاتلن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاء مسلسل ڪجھه ڏينھن کان احتجاج تي ويٺل سسئي لوھار ء سورٺ لوھار سان يڪجھتي جو اظھار ڪندي، سندن مرضي مطابق ايف آئي آر  داخل ڪرڻ جي مطالبي جي حمايت ڪئي آھي. وومنز ايڪشن فورم جو موقف آھي تہ ڪنھن بہ قتل جي  ايف آئي آر داخل ڪرائڻ  سندن وارثن جو قانوني حق آھي پر اھو افسوسناڪ عمل آھي تہ سندن والد جي ڏينھن ڏٺي جي قتل کانپوء  وارثن کي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ واري حق کان محروم رکيو وڃي. وومنز ايڪشن فورم سمجھي ٿو تہ پرامن احتجاج سندن جھموري حق آھي ۽  پغمبري پيشي سان وابسته  سندن والد سائين ھدايت لوھار جو ڏينھن ڏٺي جو  قتل  دھشتگردي  آھي جنھن تي رياست کي پاڻمرادو قدم کڻي وارثن کي انصاف جي فراهمي جو يقين ڏيارجي ھا  پر ان جي ابتڙ ڪيترن ڏينھن کان سندس نياڻيون ڏينھن رات جو ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن  پر سندن ايف آئي آر واري قانوني حق جو انڪار ڪيو پيو وڃي. وومنز ايڪشن فورم سمجھي ٿي تہ  وارث اھو قانوني حق رکن ٿا تہ مشڪوڪ ماڻھن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائين کين ان حق کان محروم رکڻ مذمت جوڳو عمل آھي. وومنز ايڪشن فورم سسئي لوھار ۽ سورٺ لوھار جي آواز اٿارڻ واري حوصلي کي داد ڏيندي ساڻن يڪجھتي جو اظھار ڪيو. گڏوگڏ مطالبو ڪيو تہ وارثن جي مرضي مطابق ايف آئي آر درج ڪري کين انصاف جي فراهمي جو يقين ڏياريو وڃي.

  1. يوڪرين طرفان روس جا 3 جنگي جهاز  ڪيرائڻ جي دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يوڪرين روسي جا 3 جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. برطانوي خابرو اداري موجب يوڪرين جي ان دعويٰ جي تصديق ناهي ٿي سگھي.عالمي رپورٽ موجب يوڪريني هوائي فوج جي سربراهه پاران ٻڌايو ويو آهي ته يوڪريني فوج ڇنڇر جي ڏينهن اوڀر يوڪرين ۾ ٻن روسي Su-34 ويڙهاڪ جهازن ۽ هڪ Su-35ويڙهاڪ جهازکي تباهه ڪيوويوآهي.پر برطانوي خابرو اداري موجب جيڪڏهن اها ڳالهه سچ هجي ها ته ماسڪو کي جديد جنگي سامان جي نقصان کي منهن ڏيڻو پوي ها جنهن جي ماليت گڏيل طور تي 100 ملين ڊالرن کان به وڌيڪ آهي.يوڪريني هوائي فوج جي ڪمانڊر ميڪولا ۽ اوليشچڪ ٽيليگرام تي لکيو ته 17 فيبروري 2024ع جي صبح جو اوڀر (سيڪٽر) ۾ يوڪرين جي هٿياربند فوج جي هوائي يونٽن هڪ ئي وقت دشمن جي ٽن جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ٻه Su-34 ويڙهاڪ جو بمبار ۽ هڪ ايس يو 35 ويڙهاڪ جهاز شامل آهي.

  1. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم جو مينهن جي واڙن جي ڪالوني ۾ قائم واڙن جو معائنو

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم جو مينهن جي واڙن جي ڪالوني ۾ قائم واڙن جو معائنو ڪيو. هي معائنو ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي نگراني ۾ ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمز ايسوسيئيشن جا عهديدار پڻ سنڌ فوڊ اٿارٽي سان گڏ هئا.  سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم سئو کان وڌيڪ کير جا نمونا حاصل ڪري ورتا.  ان موقعي تي ڪيترن ئي واڙن جي مالڪن کي امپرومينٽ جا نوٽيس پڻ ڏنا ويا.  واڙن جي مالڪن کي خبردار ڪيو ويو ته صفائي سٿرائي جي صورتحال بهتر نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.  مينهن جي واڙن کان حاصل ڪندڙ کير جا نمونا ٽيسٽ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جي ليبارٽري موڪليا ويا آهن.  اهڙن خيالن جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته پوري صوبي ۾ ڪيميڪل  کان پاڪ کير جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ڪيميڪل ملاوٽي کير وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

  1. معطل ٿيل 7 ملازمن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو

حيدرآباد : اطلاع  آھن ته حيدرآباد پوليس سنڌ پبلڪ سروس مان معطل ٿيل 7 ملازمن کي پوليس حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.