ڪراچي ۾ ڪريم آباد جي ھڪ فليٽ ۾ جو ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڪريم آباد جي ھڪ فليٽ ۾ گيس پريشر سان زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽي ماڻھو زخمي ٿي پيا. ۽ ڀر پاسي جي فليٽن کي به نقصان پھتو. تفصيل مطابق ڪراچي جي علائقي ڪريم آباد بلاڪ 3 ۾ واقع فليٽ ۾ پريشر سان زوردار ڌماڪو ٿيو, ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ۽ گھر جي ھڪ ڀت به  ڪري پئي. پوليس مطابق ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملبي ھيٺان اچي 50 سالن جو عرفان ۽ ان جا 2 پٽ 16 سالن جو عابد ۽ 18 سالن جو سمير زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ مطابق ھڪ ڪمري جو پورشن ۾ پلاسٽڪ جي پائپ لڳل ھو پائپ ۾ گيس ليڪ ٿي رھي ھئي ته ۽ ويجهو ئي موبائل فون چارجنگ تي لڳل ھو. جڏهن ته ڪمري ۾ گيس ڀرجي ويو ھو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته پلڪ مان اسپارڪنگ ٿي جنهن جي سبب ڌماڪو ٿيو. فليٽ جي فرنٽ جي ڀت نڪري وئي. جڏهن ته ڀر پاسي جي فليٽن کي به پڻ نقصان پھتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.