ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد مين نيشنل ھاءِ وي تي رزاق آباد ڀرسان اي وي ايل سي پوليس شريف آباد ۽ ڦورن وچ ۾ مبينا مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو ، ٻئي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. رزاق آباد واري علائقي ۾ اي وي ايل سي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، ٻئي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان پسٽل، ميگزين ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ شبير حسين ولد غلام حسين ۽ زخمي جوابدار جي شاھجھان جي نالي سان ٿي آهي پوليس گرفتار جوابدارن جو وڌيڪ رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي جوابدار ھاءِ ايڪس JF 3231 تيموريا ٿاڻي جي علائقي سخي حسن مان ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھيا. ته 15 مددگار جي اطلاع تي شريف آباد اي وي ايل سي پيڇو ڪرڻ بعد رزاق آباد جي ڀرسان گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار مارجي ويو ۽ ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري طبي امداد جي اسپتال منتقل ڪيو.