اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي عمر چيما چيو آھي ته اھو تاثر درست ناھي ته جيڪڏھن سياسي جماعتون حڪومت ٺاھڻ ۾ ناڪام ويون ته مارشل لا لڳندو. مارشل لا جو ڪوبه امڪان ناھي ۽ نه ئي ان عمل لاءِ حالتون سازگار آھن. ناليواري تجزئي نگار عمر چيما پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته سياستدانن جي ناڪامي جي صورت ۾ نگران حڪومت کي ڊيگھه ڏني ويندي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي ته حڪومت ٺاھڻ لاءِ ڪنھن به سياسي جماعت وٽ واضع اڪثريت ناھي، ان لاءِ ٻيھر چونڊون ڪرايون وينديون، جنھن سبب کين ڇھه مھينن کان ھڪ سال جيترو وقت ملي سگھي ٿو، جڏھن ته نگران حڪومت چونڊن لاءِ پئسا نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي عدالتن کان وڌيڪ وقت وٺندي رھندي.