نصير آباد: نصيرآباد ۾ مقتول هدايت لوهار جي نياڻي سورٺ لوهار پ پ جي چونڊيل ايم پي اي نادر مگسي کريون ٻڌايون، ان موقعي تي هن چيو ته ڪنهن ايم پي اي يا ايم اين اي جو پٽ مري ته پوءِ توهان کي خبر پوندي، پوءِ سمورا شهر به بند ٿيندا ۽ روڊ رستا به بند ٿيندا باقي اسان عام ماڻهو آهيون چونڊيل نمائندن کي اسانجي درد جي ڪهڙي خبر پوندي ڇو ته اسان ويگو گاڏين تي نٿا گهمون ۽ اسان وٽ هٿيارن وارا سيڪيورٽي گارڊ ناهن، نادر مگسي چيو ته آءُ توهان جي مسئلي جي حل لاءِ ئي توهان وٽ آيو آھيان هدايت الله لوهار جي قتل تي ڏک ٿيو آھي.02