نصيرآباد ۾ قوم پرست اڳواڻ هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو جاري

نصيرآباد (رپورٽ: بشيراحمد بروهي) نصيرآباد ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻن اڻڄاتل هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل استاد ۽ قومپرست ڪارڪن هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو 48 ڪلاڪن کان جاري رهيو، جنھن ۾ پ پ ايم اين اي عامر خان مگسي، ايم پي اي نادر خان مگسي، جسقم آريسر اڳواڻ اسلم خيرپوري، فتاح چنو، ايس يو پي اڳواڻ منير حيدر شاھ، سنڌ سھائي سٿ اڳواڻ عائشه ڌاريجو، شانل کوسو،  جڳديش آهوجا، صحافي مشتاق سرڪي، اصغر ملاڻو، امير حسن آزاد پنھور، جونيئر جانڻ چن، جسقپ اڳواڻ محمد علي خشڪ، شھر جي مختلف علائقن جي عوام، اسڪولن جي استادن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي جڏهن ته پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي اسڪولن ۾ ڊيوٽي دوران ٻانھن تي ڪاريون پٿي احتجاج ريڪارڊ ڪرائي تدريسي عمل جاري رکيو ويو ھوڏانھن ڌرڻي تي آيل مختلف پارٽين جي اڳواڻن مقتول هدايت لوهار جي وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي پ پ ايم پي اي نادر خان مگسي وارثن کان واقعي بابت معلومات ورتي جنھن موقعي تي ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ملڪ ڪليم الله کي فون ڪري نصيرآباد ڌرڻي تي گھرايو ۽ کيس تنبيھ ڪئي ته فوري طور وارثن جي مرضي مطابق مقتول جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. نصيرآباد ٿاڻي تي ايس ايس پي قمبر ۽ سسئي لوهار جي اڳواڻي ۾ ٽن ڄڻن جو وفد وچ ۾ 3 ڪلاڪ ڳالھين هلڻ باوجود مقتول جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگھي ۽ اهڙي طرح ڳالھيون ناڪام ٿي ويون ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مقتول هدايت لوهار کي ڏينھن ڏٺي ٻن هٿياربندن سرعام گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا پر پنجن ڏينھن گذرڻ باوجود نصيرآباد پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪو مقتول جي وارثن سميت سنڌي عوام سان سراسر ظلم آهي دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو قانون ڪونھي جو هڪ پرامن شھري رستي ويندي مارجي وڃي پر پوليس ان جو ڪيس وٺڻ لاءِ تيار نه هجي. هنن چيو ته ڇا به ٿي پوي مقتول جو قتل ڪيس پوليس جي مرضي مطابق نه پر وارثن جي منشا تحت داخل ٿيندو، ايندڙ لائحه عمل لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس رکي وئي آهي، خبر لکڻ تائين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري هيو.02

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.