نوشڪي(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل مختصر دوري تي نوشڪي پهتو. هن پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪارڪنن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اوهان جنهن جوش ۽ جذبي سان پنهنجي پارٽي جي اميدوارن جي چونڊ مهم ۾ حصو ورتو اهو ساراهه جوڳو آهي ۽ ان کان به وڌيڪ وڏي اڪثريت سان عوام پارٽي جي اميدوار بابو مير محمد رحيم مينگل کي ووٽ ڏنو. نوشڪي سميت سڄي بلوچستان ۾ عوام جي حقن جي لتاڙ. اهو نه رڳو اڄ نه پر 1970ع کان وٺي اسان سان ٿيندو رهيو آهي. انهن قوتن 1970ع جي چونڊن ۾ بنگالين جي اڪثريت کي رد ڪري پنهنجي اقتدار جي لالچ پوري ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي حملو ڪيو.