حيدرآباد: تعليم کاتي ۾ 2300 استادن جي ڀرتي لاء حيدرآباد، ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سينٽرن تي لکت وارا امتحان ورتا پيا وڃن. ايس پي ايس سي جي امتحانن تي سوال اٿڻ واري روايت برقرار رهندي ماضي ۾ ورتل امتحانن جيان استادن جي ڀرتين جي لاءِ هلندڙ امتحان به تڪراري بڻجي ويا آهن. امتحان جي رات پيپر آئوٽ ٿيڻ ۽ سوالي پيپرن ۾ صحيح جوابن تي نشان موجود هئڻ سبب اميدوارن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ مايوسي ڇانيل آهي. هزارين اميدوارن کي انتظاميا پاران اوچتو پيپر ملتوي ڪرائڻ واري اعلان مڇرائي ڇڏيو.