ڪميشن جي ڪارروائي رسمي، چيئرمين ۽ ٻيا استعيفي ڏين: سوشل ميڊيا

حيدرآباد: پبلڪ سروس ڪميشن  پاران پرچو آئوٽ ٿيڻ بعد معطل ڪيل 8 ملازمن جي معطلي کي سڄاڻ ڌرين ڪرپشن ڪندڙن کي بچائن ۽ ننڍن ملازمن کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ جي هڪ ڪوشش قرار ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي سنڌ يونيورسٽي جي استاد ڊاڪٽر عرفانه ملاح هڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پئسا وٺن وڏا ۽ سزا ڏين ننڍي اسٽاف کي, غريب جي توهين ڪرڻ ڪيتري نه آسان آهي, گهٽ ۾ گهٽ چئيرمين پبلڪ سروس ڪميشن کي استعفي ڏيڻ گهرجي. اهڙي طرح نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو به ملازمن کي معطل ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن شيئر ڪيو آهي جنهن تي وڏي تعداد ۾ ڪمينٽس ڪندي لکيو ته هي وڏن کي بچائڻ جي ڪوشش آهي, ڏوهي وري نائب قاصد ٿا ٿين, جيڪي ڪرپشن ڪري نوڪريون سڌيون وڪرو ڪري رهيا آهن انهن جو ڪير نالو وٺڻ جي لاءِ تيار ناهي, پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کان ويندي ان اداري ۾ اهم عهدن تي ويٺل ماڻهو اصل ذميوار آهن, پهريان انهن کي استعفي ڏيڻ گهرجي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي سيڪنڊري اسڪول ٽيچر (ايس ايس ٽي) جي ڀرتين جي حوالي سان ٿيندڙ پرچو آئوٽ ٿيڻ ۽ ملتوي ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي, پبلڪ سروس ڪميشن جي ساک تي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏا سوال اٿاريا پيا وڃن. سماجي رابطن واري پليٽ فارم فيسبڪ ۽ ايڪس ٽوئٽر تي وڏي انگ ۾ ماڻهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ان جي انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. هنن لکيو ته جن ادارن ۾ ڪرپشن هلندي هجي اتي ميرٽ جا ڪا به حيثيت ناهي هوندي, جڏهن سيٽون وڪڻڻيون ئي آهن ته اشتهار ڏئي، لکين نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان چالان جا پئسا ڇو ٿا ورتا وڃن ۽ نوجوان نسل جو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي, ادارا رڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ به نوجوانن جي پئسن ۽ وقت کي ضايع ڪرائين ٿا. هنن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هاڻ تمام گهڻو تڪراري ادارو بڻجي ويو آهي, ان ڪري هن اداري جي ساک بحال ڪرائڻ به وڏو امتحان هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.