نوجوانن جي مستقبل سان هٿ چراند، ايس ايس ٽي جو پرچو ليڪ، پيپر ملتوي

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچر(ايس ايس ٽي) بي پي ايس 16 جي ڀرتين لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ جو پرچو ٽيسٽ سينٽرن تي پرچي وٺڻ کان اڳ آئوٽ ٿي ويو, ايس پي ايس سي جي انتظاميا پرچو آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ سمورن سينٽرن تي پرچو ملتوي ڪري ڇڏيو, جنهن جي نتيجي ۾ مختلف سينٽرن تي پرچو ڏيڻ جي لاءِ آيل هزارين اميدوار احتجاج ڪندا پرچو ڏيڻ بنا گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ساک بابت ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي اٿندڙ سوالن کانپوءِ ڪالهه ايس پي ايس سي جي انتظام هيٺ ٿيندڙ ايس ايس ٽي جو پرچو آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ سوال اٿي رهيا آهن. سڄي سنڌ ۾ پيپر ملتوي ٿيڻ خلاف اميدوار انتظاميا خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن, حيدرآباد ۾ اميدوارن حيسڪو گرائونڊ کان ريلي جي صورت ۾ ايس پي ايس سي جي هيڊ آفيس سامهون پهچي ٿڌي سڙڪ وارو روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو. اميدوارن الزام هنيو ته ڄاڻايل پرچو ايس پي ايس سي جي ڪنهن ملازم آئوٽ ڪيو آهي, جنهن خلاف جاچ ڪري کيس فوري طور هٽايو وڃي. اميدوارن موجب ته 16 هين گريڊ ۾ ايس ايس ٽي جي ڀرتين لاءِ پيپر جو ٽائيم صبح جو 11 وڳي رکيل هو ان لاءِ جيئن ئي هو حيسڪو گرائونڊ پهتا ته کين 9 وڳي کان ڪرسين تي ويهاري جوابي ڪاپيون به فراهم ڪيون ويون, جيڪي پيپر شروع ٿيندي ئي اهو چئي واپس ورتيون ويون ته ٽيڪنيڪل فالٽ سبب پيپر نه ورتو ويندو, پر جڏهن انهن انتظاميا جي اهڙي عمل خلاف احتجاج شروع ڪيو ته کين اهو ٻڌايو ويو ته پيپر آئوٽ ٿي چڪو آهي جنهن تي هنن مک آفيس سامهون پهچي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. احتجاج دوران مڇريل اميدوارن پاران جوابي ڪاپيون ساڙي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ٻين عملدارن تي ڪرپٽ هئڻ جو الزام هڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي.هوڏانهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ايس ايس ٽي اميدوارن جي امتحانن ۾ بيضابطگين جو انڪشاف ٿيڻ ۽ پرچو آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڪالهوڪو پيپر اوچتو ملتوي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙ اميدوارن سان سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نذير قريشي ڳالهيون ڪيون ۽ کين يقين ڏياريو ته ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته ايس ايس ٽي جو پيپر آئوٽ ٿيڻ جي ڪري پرچو ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي لاءِ جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي, جڏهن ته پيپر ملتوي ٿيڻ سبب اميدواران کي جيڪا پريشاني ٿي آهي ان تي معذرت ٿا ڪيون. هوڏانهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين جي لاءِ ورتل امتحان جو پرچو آئوٽ ٿيڻ تي ڪميشن جي 8 ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب معطل ڪيل ملازمن ۾ اسسٽنٽ ڪنٽرولر ايگزامينيشن ون زين العالم, سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر سجاد احمد, احسان ظهير ابڙو ۽ 4 نائب قاصدن خان محمد, اختر علي, شاهزيب جعفري, شاهزيب ابڙو ۽ عزيز احمد کي معطل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.