متحده گورنرشپ، مڪاني نظام، اين ايف سي ۾ ترميم جا شرط برقرار رکي ڇڏيا

ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان نواز ليگ آڏو حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مطالبا سامهون رکي ڇڏيا آهن، نواز ليگ پاران پ پ سان معاملا طئه ٿيڻ تائين مهلت گهري ورتي، ايم ڪيو ايم قيادت نواز ليگ سان رابطو ڪري پنهنجن مطالبن کان آگاهي ڏني آهي، مطالبن ۾ سنڌ جي گورنرشپ، وزارتون، اين ايف سي ايوارڊ جي رقم صوبن کي ڏيڻ بدران مقامي حڪومتن کي ڏيڻ سان گڏ مڪاني نظام جو تسلسل برقرار رکڻ کانسواءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم تي عملدرآمد ڪرڻ شامل آهي، جڏهن ته نواز ليگ قيادت ايم ڪيو ايم کي آگاهي ڏني آهي ته پ پ سان معاملا طئه ٿيڻ بعد ڳالهين کي حتمي شڪل ڏني ويندي، ان لاءِ وقت ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.