عليم خان جو قومي اسيمبلي سيٽ تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن چيلينج

اسلام آباد: (م ڊ) آءِ پي پي جي عليم خان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ علي اعجاز بٽر طرفان استحڪام پاڪستان پارٽي جي عبدالعليم خان جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 117 تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 9 فيبروري تي جاري ڪيل فارم 47 کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ 15 فيبروري تي جاري ڪيل عليم خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي. درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي ته سمورن اميدوارن جي موجودگي ۾ رزلٽ جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ريٽرننگ آفيسرن کان لاڳاپيل رڪارڊ به طلب ڪري. درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، آر او ۽ ٻين اميدوارن کي به ڌر بنايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.