سينيٽ ۾ چونڊ ڌانڌلين خلاف احتجاج، چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف غداري ڪيس هلائڻ جو مطالبو

اسلام آباد: (م ڊ)  سينيٽر طاهر بزنجو ۽ سينيٽر مشتاق احمد چيف اليڪشن ڪمشنر تي ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته بلوچستان ۾  چونڊي چونڊي حقيقي عوامي نمائندن کي شڪست ڏني وئي، صوبي جي ٻن وڏين پارٽين جي آشيرواد سان منشيات فروشن (ڊرگ لارڊ) ۽ لينڊ گريبرز (قبضي خورن) کي اسيمبلي تائين پهچايو ويو. هن سوال اٿاريو ته ڇا عدليه کي حق هو ته هو پي ٽي آءِ کان نشان ڦري؟ ڇا اهڙي ڌانڌلي واري چونڊ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ استحڪام ايندو؟  طاهر بزنجو مطالبو ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمسنر کي گرفتار ڪري آئين جي ڀڃڪڙي جو ڪيس هلايو ويندو. هن چيو ته گم ٿي ويل ماڻهن جي مسئلي کي التوا ۾ وجهڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد به چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي. چيف اليڪشن ڪمشنر شفاف چونڊن ۾ ناڪامي تي استعيفيٰ ڏئي. اهي ڪوڙيون چونڊون هيون جنهن سان جعلي حڪومت بڻجندي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن غداري  ڪئي آهي اليڪشن ڪميشن عوام کان معافي گهري، چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف ڪيس هلڻ گهرجي. سينيٽر مشتاق احمد وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئٽر 3 ڏينهن کان بند آهي. دال ۾ ڪجهه ڪارو نه آهي پر سموري دال ڪاري آهي. ٽوئٽر تي پابندي سان تعليمي ۽ معاشي نقصان ٿي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته اسان کان پهرين چونڊ نشان کسيو ويو ۽ پوءِ مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، اليڪشن ڪميشن کي گهرائي پڇاڻو ڪيو وڃي، اسان کان کسيل مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي.  نواز ليگ جي عرفان صديقي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته 8 يا 10 سيٽون اڳتي پٺتي ٿيون هجن، هر اليڪشن ۾ ائين ٿيندو آهي. تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي عرفان صديقي چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن ته ڇا خيبر پختونخواهه ۾ چونڊون امام ڪعبه ڪرايون آهن؟ هن چيو ته ڇا اتي امام ابو حنيفه ويٺو هو؟ جتان پي ٽي آءِ کي سيٽون مليون اتي شفاف چونڊون ٿيون ۽ جتان سيٽون نه مليون اتي ڌانڌليون ٿيون، ماضي ۾ نواز ليگ سان به ڌانڌليون ۽ زيادتيون ٿيون، ڪنهن به جماعت کي هيل اڪثريت حاصل نه ٿي آهي، ماضيءَ جون تلخيون وساري اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.