شهريار آفريدي نظربندي معاملو، ڊي سي اسلام آباد کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي جي خلاف ٿري ايم پي او معاملي تي ڊپٽي ڪمشنر جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  حڪم ڏنو آهي ته  اسلام آباد جو ڊپٽي ڪمشنر جتي به نظر اچي اتي کيس گرفتار ڪريو، ٿري ايم پي او آرڊر جي معاملي تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ڪئي. عدالت ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز ميمڻ جي غير حاضر هجڻ تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ڊي سي اسلام آباد ۽ ايس ايس پي آپريشن جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس بابر ستار آءِ جيز کي حڪم ڏنو ته اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر کي گرفتار ڪري پيش ڪريو، ان موقعي تي وڪيل شاهه خاور چيو ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان عمرو ادا ڪرڻ جي اجازت گهري هئي، عدالت طرفان ان جي عمري ادائيگي لاءِ وڃڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي هئي. وڪيل چيو ته ڊپٽي ڪمشنر کي والده حڪم ڏنو ته عمرو ادا ڪرڻ لاءِ وڃڻو آهي. والده جي حڪم تي ڊپٽي ڪمشنر عمرو ادا ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو، جنهن تي جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته هو عدالت کي آگاهه ڪرڻ کان سواءِ ڪيئن روانو ٿي ويو؟ هن وقت اهو ڪٿي آهي؟ وڪيل شاهه خاور جواب ڏنو ته هن وقت اهو خيرپور ۾ آهي،  جنهن کان پوءِ عدالت سندس ضمانت نه جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ايس ايس پي آپريشن ملڪ جميل ظفر ۽ ايس ايس پي صدر فاروق پيش ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.