اسلام آباد(م ڊ) حڪومت سازي لاءِ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن. اسلام آباد ۾ شهباز شريف ۽ آصف زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ پنهنجا انگ مڪمل ڪري ورتا آهن، شهباز شريف ٻنهي پارٽين جو متفقه اميدوار هوندو. آصف زرداري صدر لاءِ گڏيل اميدوار هوندو. ڍ هن چيو ته وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ پاڪستان جي صدر جي چونڊ ٿيڻ واري آهي، اسان مسلم ليگ (ن) جا شڪر گذار آهيون جو هنن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار صدر زرداري جي حمايت ڪئي آهي. پاڪستان جي صدر لاءِ اسان جو گڏيل اميدوار صدر آصف علي زرداري هوندو. هن چيو ته گڏجي مسئلن کي منهن ڏينداسين ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، مان اوهان سڀني خاص ڪري وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ٽيم جو شڪر گذار آهيان. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پورا انگ آهن، اسان نئين حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهيون. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته آزاد اميدوار اڪثريت ثابت ڪري حڪومت ٺاهي، ان کي دل سان قبول ڪنداسين، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۽ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪيو آهي پر ان باوجود وٽن وٽ ايترا انگ ناهن جو حڪومت ٺاهي سگهن. مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته مشاورت سان اڳتي وڌنداسين، ڀرپور سهڪار تي آصف زرداري ۽ بلاول جا ٿورائتا آهيون، هي وارا وٺڻ جو معاملو ناهي، اسان کي پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻو آهي، اسان جي اتحاد ۾ بزرگ ۽ نوجوان آهن. جڏهن اهي ٻئي گڏ ٿين ٿا، اهي هڪ عظيم طاقت بڻجي ويندا آهن. ان کان اڳ اسلام آباد ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ حڪومت سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ بلاول ڀٽو، شهباز شريف، اسحاق ڊار، مراد علي شاهه، قمر زمان ڪائره ۽ احسن اقبال به موجود هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات بعد دعا به گهري وئي. ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين، گورنر ڪي پي پ پ جا هوندا، قومي اسيمبلي اسپيڪر، گورنر سنڌ، گورنر بلوچستان جا عهدا ن ليگ حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته بلوچستان جو وڏو وزير پيپلز پارٽي جو هوندو.