لاڙڪاڻي ۾ به ٽيسٽ پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي زير نگراني هيٺ ورتل سيڪنڊ اسڪول ٽيچرس جي ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ خلاف شاگردن فرمان علي ميمڻ، شفيع محمد جتوئي نثار احمد لاشاري جي اڳواڻي ۾ شاھنواز ڀٽو لائبريري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو شاگرد پڙهي ٿو ان کي ان جو حق ڏيو،، جيڪي اوهان ڪامپيٽيو امتحان رکيا آهن، انھن ۾ اوھان جيڪي ٽيسٽون ڪرايو ٿا، توھان جيڪي وائرل ڪيو ٿا، اھا شاگردن سان نا انصافي آهي، ھنن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پئسا وٺي پيپر اڳواٽ آئوٽ ڪيو پيپر آئوٽ ڪرڻ مان اسان اھو ٿا سمجهون ھتي پنهنجي آقائن ۽ سياستدانن کي خوش ڪيو پيو پيو وڃي، ھنن چيو ته غريب شاگرد پيپرن جون تياريون ڪري ھتي اچن پيا پر انهن ۽ سندن والدين جي حسرتن جو خون ڪيو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته جيڪي ٽيسٽون ورتيون ويون آهن انهن کي رد ڪري ٻيھر ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو واڌايون ويندو.02

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.