ڪراچي(رپورٽر) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ گورنر هائوس ۾ آءِ ٽي ڪلاس جو دورو ڪيو۔ نگران وزيراعظم شاگردن کي سيکاريل مضمونن بابت آگاهي حاصل ڪئي۔ گورنز انيشيٽو چيف ايگزيڪيوٽو دانيال ناگوري نگران وزيراعظم کي پروگرام بابت بريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي ان قدم کي ساراهيندي چيو ته ان آئي ٽي ڪورسز سان نوجوانن جو مستقبل روشن ٿيندو. وزيراعظم چيو ته گورنر سنڌ جا آئي ٽي ڪورسز سميت عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل سمورا قدم ساراهه جي لائق آهن. انوار الحق ڪاڪڙ شگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته بهترين آءِ ٽي پروفيشنل بڻجڻ لاءِ محنت ڪريو، ڇاڪاڻ ته سڀني کان بهترين آءِ ٽي پروفيشنل بڻجي سگهو