پشاور(م ڊ)اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز عورتن جي مخصوص سيٽ تان دستبردار ٿي وئي آهي. سمورين نامزد عورتن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. استعيفيٰ ڏيندڙ عورتن ۾ سومي فلڪناز، ياسمين فهد، آسيا اسد، نعيمه اسلم، ثوبيه رحمان، انيتا محسود ۽ ناديه شير شامل آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ 2 سيٽون حاصل ڪيون آهن.