بلوچستان جا وڌيڪ ٻه آزاد ميمبر نواز ليگ ۾ شامل

لاهور (م ڊ) بلوچستان مان ڪامياب ٻن آزاد صوبائي اسيمبلي ميمبرن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ شهباز شريف سان بلوچستان اسيمبلي جي ٻن نون چونڊيل آزاد اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 41 ۽ پي بي 51 تان نوان چونڊيل ميمبر ولي محمد ۽ عبدالخالق ن ليگ ۾ شامل ٿيا. شهباز شريف ٻنهي کي ن ليگ ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏني ۽ سندن آجيان ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.