پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوار سني اتحاد ڪائونسل سان گڏجڻ تي ناخوش

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جا چاليھه کان وڌيڪ حمايت يافته آزاد اميدوار نواز ليگ ۽ پي پي ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن. ناليواري تجزئي نگار گوھر بٽ چيو آھي ته پي ٽي آءِ  جا چاليھه کان وڌيڪ اميدوار نواز ليگ ۽ پي پي ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، ڇاڪاڻ ته انھن کي ايم ڊبليو ايم ۽ سني  تحريڪ سان اتحاد ڪرڻ ۽ پاور شيئر ڪرڻ تي اعتراض آھي.  گوھر بٽ وڌيڪ اھو به چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد وارن لاءِ ڏينھون ڏينھن قانوني مشڪلاتون وڌي رھيون آھن، جنھن سبب اھي نااھل به ٿي سگھن ٿا، ھن چيو ته باغي آزاد اميدوارن جو انگ وڌي به سگھي ٿو ۽ اڄ سڄي ڳالھه واضح ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.