استاد هدايت لوهار جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا: صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر )  جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ جي قيمتي زمينن جو وڪرو جاري آهي، سمنڊ، درياءُ، ٻيٽن، جبلن، وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي، موجودا اقتدار جي ونڊ ورڇ سنڌ کي وڌيڪ مسئلن ۾ ڌڪيندي، بحريا ٽائون ڪيس ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي ٻڌڻي لاءِ ڪراچي ان سائيڊ سينٽرل جيل اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ ٻڌڻي پيش ٿيو، جڏهن ته اي ٽي سي 15 ڪورٽ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي هلندڙ مهيني 27 فيبروري جي تاريخ ڏئي ڇڏي. ڪورٽ ٻاهران جسقم چيئرمين صنعان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ آهي، تنهن وڌيڪ تجربا ڪرڻ بدرا رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۽ ڏنل تعليمات جي بنياد تي سنڌ جي وڃايل تاريخي حيثيت جي بحالي لاءِ منظم جدوجهد جي ضرورت آهي، قوم کي اتحاد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادي جو سنگين مسئلو آهي، سنڌو درياءَ جي پاڻي تي قبضو ڪيو ويو آهي، سنڌ جون قيمتي زمينون غير قانوني طور تي ملڪ رياض ۽ ٻين بلڊرن کي ڏنيون ويون آهن، سنڌ ۾ لاقانونيت، بک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي برپا ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.