سن: سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري محب آزاد، فنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، جسقم (آريسر) جي چيئرمين اسلم خيرپوري، مرڪزي عهديدار فتح چنا، جيئي سنڌ تحريڪ چيئرمين سورھيه سنڌي، ھدايت لوھار جي نياڻي سسئي لوھار، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ ۽ ٻين گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جيسيتائين قتل جي ايف آئي آر وارثن جي رضامندي ۽ خواھش موجب داخل نه ڪئي ويندي، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ نظر ايندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو ۽ قتل پٺيان لڪل هٿن کي کي ظاھر ڪري گرفتار نٿو ڪيو وڃي تيستائين جدوجهد جاري رکي ويندي، ان لاءِ پهرين مرحلي ۾ شهيد ھدايت لوھار جي ٽيجھي تائين نصيرآباد باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي تڏو اُتي ئي ڪيو ويندو ۽ ٽيجھي تي ڄاڻايل سمورين تنظيمن طرفان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري اڳتي جو لائحه عمل طئه ڪري اعلان ڪيو ويندو ۽ گڏوگڏ سنڌ سجاڳي فورم پاران اڄ آچر جي ڏينھن ساڍي 4 وڳي ڪراچي پريس ڪلب ۽ 3 وڳي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا، اهڙي طرح جسقم آريسر پاران سڀاڻي سومر جي ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.