مون ڪڏهن لياقت چٺا سان ملاقات يا رابطو ناهي ڪيو: ملڪ رياض

اسلام آباد(م ڊ) پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جو چوڻ آهي ته ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا سان سندس ڪوبه تعلق يا واسطو ناهي.ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ ملڪ رياض چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ جڏهن به افراتفري ٿيندي آهي ته الزام هنيا ويندا آهن، مون تي يا منهنجي اداري تي بغير منطق ۽ ثبوت جي آڱريون کنيون وينديون آهن.مسلم ليگ (ن) جي طرفان منهنجي ۽ لياقت چٺا   جو تعلق ڄاڻائڻ غلط ۽ بي بنياد آهي.هن چيو ته مان ان حوالي سان جاچ ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان ملڪ جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعاگو آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.