ڪمشنر جي الزامن تي اسٽيبلشمينٽ پريشان،”اهم“ استعيفيٰ ايندي؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) ڪمشنر جي پريس ڪانفرنس جي پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن؟ناليواري صحافي عمران شفقت پنهنجي وي لاگ  ۾ ٻڌايو آهي ته آصف زرداري کي مارشل لا نظر پئي اچي جنهن تي هن پارٽي کي خبردار ڪيو آهي پر بلاول سندس ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اڄ ڪمشنر چٺا جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي ان ۾ هن چيو ته پاڪستاني بيوروڪريسي ۾ ماڻهو سچا هجن اهو ممڪن ئي ناهي، ڪمشنر ڇو اهي ڳالهيون پريس ڪانفرنس ۾ ڪيون ان جا ڪارڻ ڇا آهن ان بابت خبرون مليون آهن . ان پريس ڪانفرنس بعد اسٽيبلشمينٽ پريشان آهي. اهي به خبرون ملنديون رهيون آهن ته اسٽيبلشمينٽ اندر به عمران فيڪٽر آهي جنهن سبب ڏار پيو آهي. ڪمشنر لياقت چٺا جي خاندان ۾ به عمران خان جا پرستار موجود آهن. هن ٻڌايو ته ڪمشنر جو تعلق پنڊي مان آهي ۽ جيڪو پنڊي مان هجي اهو ملڪ رياض جو وفادار نه هجي اهو ٿي نٿو سگهي پر ملڪ رياض ان پريس ڪانفرنس جي پٺيان هجڻ تي ترديد ڪئي آهي. ياد رهي اڪثر اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو پراپرٽي جي مامرن تي ملڪ رياض جي ويجهو رهيا آهن پر جنرل عاصم منير کي پراپرٽي جو شوق ئي ناهي. اڄ جي پريس ڪانفرنس بعد يا ته اسٽيبلمشينٽ مان ڪنهن جي رات تائين استعيفيٰ ايندي  يا اهم ترين عسڪري شخصيت استعيفيٰ ڏئي هلي ويندي. جيئن فوج جو ڊسيپلين پڪو آهي ته ان پريس ڪانفرنس جي پٺيان جيڪو به اسٽيبلشمينٽ مان شامل آهي ان جي پهرين استعيفيٰ ايندي. هن وقت ڪي پي ڪي اندر وڏو فساد آهي. عمران خان پنهنجو ڊيٿ اسڪواڊ طالبان بڻايو آهي جيڪو سندن مليٽنٽ ونگ بڻجي ويو آهي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ پکڙيل آهي. ان صورتحال ۾ ملڪ جو الله ئي حافظ آهي. پريس ڪانفرنس ۾ لياقت چٺا قاضي فائز تي پڻ الزام لڳايو جنهن جي انڪوائري ٿي ته سڀ ڳالهيون واضح ٿي سامهون اچي وينديون. اهو به ياد رهي ته لياقت چٺا به عمران خان جيان شوقين مزاج رهيو آهي جنهن جي ڪا وڊيو انهن وٽ ٿي سگهي ٿي جنهن تي هن بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ڪئي. يا ته لياقت چٺا اسٽبلشمنٽ هٿان استعمال ٿي ويو يا ته جيڪو عمران فيڪٽر اسٽيبلشمينٽ ۾ آهي ان سبب هن اها پريس ڪانفرنس ڪئي آهي.هن وقت اسٽيبلشمينٽ کي سبق سيکارڻ لاءِ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي پاڪستان  حڪومت سنڀالڻ لاءِ تيار ناهن. اسٽيبلشمينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو حامي دڙو تمام گھڻو مضبوط آھي، ڪجھه وقت اڳ ڏنل اھو تاثر بلڪل غلط ثابت ٿي ويو آھي ته اسٽيبلشمينٽ جي اندر موجود عمران فيڪٽر کي ختم ڪيو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.