پي ٽي آءِ جا ڌانڌلي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا، سلمان اڪرم گرفتاري بعد آزاد

لاهور(م ڊ) چونڊ نتيجن خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن  اسلام آباد، لاهور سميت مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا. مظاهرين ۾ مردن ۽ عورتن ۽ نوجوانن جو وڏو انگ شامل هو. ريلين ۾ نوجوانن پارٽي جا جهنڊا کڻي ڌرڻو هنيو ۽ ڌانڌلي خلاف نعريبازي ڪئي. لاهور ۾ پوليس ڪريڪ ڊائون ڪيو ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار سلمان اڪرم راجا ۽ عورتن سميت درجنين مظاهرين کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو. ڪيس پوليس انسپيڪٽر سهيل شوڪت جي بيان تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ سلمان اڪرام سميت 15 اڻڄاتل ماڻهو شامل آهن، ڪيس ۾ روڊ بلاڪ ڪرڻ سميت ٻيا قلم شامل آهن. سلمان اڪرام راجا سميت سمورن جوابدارن کي ڪجهه ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکڻ بعد آزاد ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.