لياقت چٺا ملڪ رياض جو خاص ماڻهو؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا ملڪ رياض جو خاص ماڻھو آھي،جنھن کي ملڪ رياض جي سفارش تي ڪمشنر راولپنڊي مقرر ڪيو ويو ھو،  جيڪو سياسي رشوت عيوض ھيٺين سطح کان مٿي آيو ۽ ڪمشنر بڻجي ويو. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اھم ماڻھو سندس ويجھا مائٽ آھن. ناليواري صحافي رضوان رضي چيو ته 2013ع جي چونڊن کان پوءِ به ھڪ افضل نالي شخص منظر عام تي آيو ھو، ان به ڌانڌلي جا الزام ھنيا ھئا پر وٽس ڪو به ثبوت نه ھو، جڏھن کيس عدالت ۾ طلب ڪيو ويو ھو اتي ان بيھوشي جو ڊرامو ڪيو. جنھن بعد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان معافي گھري ھئي، جنھن کي انساني بنيادن تي معاف ته ڪيو ويو ھو، پر ان کي استعمال ڪندڙ ماڻھن پنھنجا مقصد حاصل ڪري ورتا ھئا. رضوان رضي وڌيڪ اھو به چيو ته ان قسم جا وڌيڪ 3 حملا ٻيا به ٿيندا.

  • ڪمشنر آپگهات جو حوالو ڏئي پاڻ بچائڻ لاءِ قانوني رستو ڪڍي ويو؟

اسلام آباد(م ڊ)سينئر صحافي طلعت حسين ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته پاڻ مٿان خودڪشي جو دٻاءُ وجهڻ جو حوالو ڏئي ڪمشنر  لياقت بظاهر پنهنجي لاءِ اهڙو رستو ٺاهي ورتو آهي ته هو مستقبل ۾ قانوني ۽ تحقيقاتي ڪارروائي کان بچي سگهي. بعد ۾ جڏهن ثبوت نه هجڻ سبب بيان تبديل ڪرڻو پيو ته چئي سگهجي ٿو ته مون ڪجهه ڳالهيون پريشانيءَ ۾ ڪيون هيون. هوشيار چريو آهي.

  • اسٽيبلشمينٽ ڊگهي اننگ کيڏڻ جو رٿيو آهي: مومنه وحيد

اسلام آباد(م ڊ)پ پ اڳواڻ مومنه وحيد لياقت چٺاذريعي سپريم ڪورٽ جي مداخلت جو جواز پيداڪيو ويو آهي، پهرين اليڪشن جعلي قرار ڏئي اسٽيبلشمينٽ  پاڻ ڊگهي اننگ کيڏي سگهي ٿي، جاڳندا رهو،ملڪ جي اصل مسئلن تي بحث نه پيو ٿئي. بس هڪ تماشو لڳايو پيو وڃي جنهن ۾ استحصال جا نوان رخ سامهون اچي رهيا آهن ۽ اشرافيه پنهنجي ڦرلٽ کي بچائي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.