آرمي چيف ڌانڌلي ۾ ملوث فوجي آفيسرن جو ڪورٽ مارشل ڪري: اختر مينگل

ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا ۾ چونڊ نتيجن خلاف 4 جماعتي اتحاد جو ڌرڻونائين ڏينهن به جاري رهيو، ڊي آر او آفيس ٻاهران احتجاج ۾ بي اين پي مينگل جو سربراهه سردار اختر جان مينگل، نيشنل پارٽي جو  صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، پشتون خواه ميپ جو سربراهه محمود خان اچڪزئي ۽ هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي (ايڇ ڊي پي) جو چيئرمين عبدالخالق هزاره به ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا،احتجاج ڪندڙ پارٽين جي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته موجوده اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ اسان جا اميدوار هارايا ويا.محمود خان اچڪزئي چيو ته بلوچستان جي عوام جي راءِ جو احترام ٿيڻ گهرجي،آراوز ڪجهه غيرت ڏيکاري  حقيقتون منظر عام تي آڻين، کين ان ڏينهن کان ڊڄڻ گهرجي جڏهن ماڻهو سندن سماجي بائيڪاٽ ڪندا.هن چيو ته قوم پرستن کي تنگ نه ڪيو وڃي، هنن وٽ ايتري طاقت آهي جو هو هتي ايئرپورٽ، ريلوي، رستا ۽ آفيسون بند ڪري ڇڏيندا،هن چيو ته عمران خان سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سندس ووٽ جو احترام نه ڪريون.جلسي کي خطاب ڪندي اختر مينگل چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو، ملڪ ۾ ڪاميابي ان کي ملندي آهي جنهن کي ”فرشتا“ کٽرائيندا آهن،آر اوز ۽ڊي آر اوز جي پويان ٻيون قوتون آهن،اصل مهرا ڪي ٻيا آهن،ڊي آراوز کي بدنام ڪيو پيو وڃي، هن آرمي چيف کان مطالبو ڪيو ته ڌانڌلي ۾ ملوث فوجي آفيسرن جو ڪورٽ مارشل ڪيو وڃي جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته آڱريون کنيون وينديون.هن چيو ته بلوچستان جي ڊي آر اوز کي به ڪشمنر راولپنڊي وانگر ڪجهه غيرت ڪرڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.