اسلام ڪوٽ شهر ۾ ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر جي باءِ پاس روڊن سميت اونڌيو لڪ ويجهو بااثر ڌُريون تاريخي ڀِٽن جي کوٽائي ڪري سرڪاري زمين کي پويان ظاهر ٿيندڙ سروي ٻنين سان ملائي قبضا ڪيا پيا وڃن،ڀِٽون ڪِٽي سروي زمينن کي روڊ تائين آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي،هن کان اڳ ۾ اسلام ڪوٽ ۾ ڪيتريون ئي زمينون موجود هيون جن کي اهڙي نموني سان روڊ تي آڻي قبضا ڪيا ويا آهن،جتي جتي ڀَٽون موجود آهن اُنهن ڀِٽن کان سوين ايڪڙ پوئتي سروي ٻنيون موجود آهن،سروي ٻنين جا مالڪ ڀِٽون ڪَٽي پنهنجي زمينن جون حَدون روڊ سان ملائڻ قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،اسلام ڪوٽ شهر جي روڊن جون سائيڊون اڳ ۾ ئي بلاڪ آهن پر هتي سڀاڻي ڪيئي سرڪاري ادارا تعمير ٿيڻا آهن،پر سرڪاري طور تي هن ايڏي وڏي معاملي کي ڪير به سنجيدگي سان ناهي ڏسي رهيو،هي سلسلو وڏي عرصي کان جاري آهي پر تازو هڪ هفتي کان هن عمل ۾ ڏاڍي تيزي اچي چُڪي آهي،
واضع رهي ته روڊن جي پاسن کان موجود تاريخي ڀِٽون نه رُڳو علائقي جي سونهن آهن پر چوپائي مال جي چراگاهون به بڻيل آهن،شهر ۾ جتي سرڪاري عمارتن لاءِ ڪا سرڪاري جڳھ ناهي پچي اُتي سرڪار جي خاموشي عيوض بااثر ماڻهو ڀِٽون ڪَٽي قبضا ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهن،اسلام ڪوٽ تعلقو جيئن بڻيو آهي ته اُنهي کي تعلقي ليول جون آفيسون ٺاهڻ لاءِ زمين ناهي بچي،جتي زمين موجود آهي اُتي ٿيندڙ قبضن کي روڪڻ وارو ڪير ناهي،باءِ پاس روڊن جي ٻنهي پاسن کان علائقي جي خوبصورتي جي علامت بڻيل تاريخي ڀِٽن کي بااثر ٺيڪيدار سرعام ايڪسيويٽرن ذريعي کوٽائي ڪري مٽي جو في ڊمپر هزارن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن،ٻُڌايو پيو وڃي ته ڊمپرن جا ڊرائيور مٽي جو في ڊمپر 10 هزار ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن،ذريعن کان اِهو به معلوم ٿيو آهي ته هي سڀ ڪجھ انتظاميا جي ملي ڀڳت عيوض ٿي رهيو آهي،افسوس جو اِهو مقام آهي ته هن شهر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جيڪي تعلقي جا سربراھ آهن،اُهي الاهي ڇو هن ايڏي وڏي معاملي تي خبر هوندي به چُپ ويٺل آهن،جن جي خاموشي ڪيئي سوال اُڀاري رهي آهي،واضع رهي ته ڀِٽون وسڪاري ۾ سائي چادر اوڍي علائقي جي خوبصورتي ۾ نکار پيدا ڪن ٿيون،ڀِٽن جي پاساڙن ۾ ٿيندڙ گاھ علائقي جي سونهن سان گڏ چوپائي مال جي چاري جو به سبب بڻجي ٿو،شهر جي آس پاس گئوچر زمينن تي ٿيل قبضن بعد چوپائي مال جي چاري جون آسائيشي زمينون ختم ٿيڻ بعد رهيل واحد ڀِٽون به ختم ڪيون پيون وڃن،جيڪي چوپائي مال جي چاري جو آخري حل رهيل آهن،معلوم ٿيو آهي ته ڊمپر ڊرائيور ڀِٽن جي کوٽائي ڪرڻ کان اڳ انتظاميا سان ملي ڪري ڳُجهي معاهدي تحت اجازت وٺي چُڪا آهن،جنهن بعد اِهو سڀ ڪجھ ٿي رهيو آهي،
هتان جا شهر مطالبو ڪن ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي تاريخي ڀِٽون ڪٽيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري تعلقي انتظام کان خاموشي جا سبب معلوم ڪري علائقي جي سونهن کي بچايو وڃي،هوڏانهن اهڙي عمل خلاف ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ فقير منور ساگر طرفان سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٿر جون ڀِٽون گئوچر زمين ۾ اچن ٿيون،سرڪاري زمينن تي ٿيندڙ قبضن تي اي سي ۽ مختيارڪار جي خاموشي ڪهڙو پيغام ڏي ٿي،مختيارڪار ڪهڙي قانون تحت ٿو چوي ته ڀِٽون ۽ سرڪاري زمين روينيو جي اختيارن ۾ نه ٿي اچي،آئون جلد سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي اي سي ۽ مختيارڪار کي ڌُر بڻائيندس،ٻئي آفيسر عدالت ۾ اچي ٻُڌائين ته روينيو ڊپارٽمينٽ ڪهڙي مرض جو علاج آهي،ايڏي وڏي تباهي ٿي رهي آهي پر هن تعلقي ۾ اهڙو ڪو آفيسر ناهي جيڪو تباهي ڪندڙن کي روڪي،انتظاميا جي ملي ڀڳت کانسواءِ هي تباهي نه ٿيڻ ممڪن ناهي،شهرين کي اڳتي اچي علائقي جي مالڪي ڪرڻ کپي،رابطي تي اي سي نعيم شريف ٻُڌايو ته اسان کي معاملي جي ڄاڻ ناهي،جانچ ڪيون ٿا جيڪڏهن سرڪاري زمين تان ڀِٽن کي کوٽي مٽي کنئي پئي وڃي ته ملوثن خلاف باقائده ڪاروائي ڪئي ويندي،مختيارڪار زاهد حُسين ابڙو رابطي تي چيو ته ڀِٽون ڊاهڻ توڙي سرڪاري زمينن تي ٿيندڙ قبضا اسان جي زميواري ۾ نه ٿا اچن،هن معاملي کي منرلز ۽ مائينس کاتو ڏسي سگهي ٿو،مون کي هن معاملي تي ڪو ڄاڻ ناهي،هڪ سوال جي جواب ۾ مختيارڪار چيو ته سرڪاري زمينن تان قبضا هٽائڻ يا اُن جي جانچ ڪرڻ جو اختيار اسان وٽ ناهي،