ھندستان ۾ هارين جو هلندڙ احتجاج ۽ چڪريون

ھندستان ۾ هاري حڪومت جي زرعي پاليسين خلاف  احتجاج  ڪري رھيا آھن.جنھن ۾ سيڪيورٽي فورسز  ڳوڙها گيس  استعمال ڪرڻ لاءِ ڊرون کي ڪتب آڻي پئي،جنھن جي جواب ۾ ھاري لغڙن سان  ڊرون کي ڪيرائي  رھيا آھن.

دهلي کان 200 ڪلوميٽر اتر ۾ 5 ڏينهن کان هزارين هارين جي سيڪيورٽي فورسز سان جھڙپون ۽ چڪريون جاري آھن. پوليس ھارين کي راڄڌاني پھچڻ کان روڪي رھي آھي. ان کان اڳ هارين  ’دهلي چلو‘ يا ’چلو دهلي چلين‘ مارچ کي شروع ڪيو تھ فورسز کين اتي روڪي ڇڏيو آھي. احتجاج ۾ هاري حڪومت کان فصلن جا اگهه وڌائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ڪسان يونين جي نمائندن حڪومتي اختيارين سان ملاقات ڪري مسئلي جو حل ڳولي رھيا آھن.ھن وقت تائين مسئلو حل نھ ٿيو آھي.

پنجاب ڪسان مزدور سنگھرش ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري سرون سنگهه پنڊھر چيو آھي ته تحريڪ ۾ فوج، پوليس يا ٻين فورسز جا اڳوڻا فوجي  اھلڪار بھ شامل آهن ۽ نقصان گهٽائڻ لاءِ تجويزون ڏئي رهيا آهن.ياد رهي ته هندستان جي پنجاب ۽ هريانا رياستن ۾ ڪيترائي سپاهي رٽائرمينٽ کانپوءِ روزي ڪمائڻ لاءِ زراعت جو رخ ڪندا آهن.احتجاج ڪندڙ 23 ورهين جي ڪرمپال سنگهه چيو ته پوليس هارين کي اهڙيون حرڪتون ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، پوليس کي ڪرڻ ڏيو جيڪو هو چاهي ان جو حل ڳولينداسين.پوليس به هارين کي منتشر ڪرڻ لاءِ نوان حربا استعمال ڪري رهي آهي.

مقامي ميڊيا موجب  ھي پهريون ڀيرو هو ته سيڪيورٽي فورسز ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا ڪنستر ھارڻ لاءِ  ڊرون جو استعمال ڪيو ۽ ان کان  ريتي جي ٻورين ۽ڪنڊيدار تارن کان علاوه پوليس راڄڌاني ڏانهن ويندڙ رستن جي ڪجهھ ڪنارن ۽ وچ تي کڏون بھ کوٽي  ڇڏيون آهن.رستي جي ڪجھه حصن تي ڪلا بھ کوڙي ڇڏيا آھن،تھ جئين ڪا بھ گاڏي اڳتي نھ وڌي سگھي.

انڊيا ٽوڊي نيوز ويب سائيٽ لکيو آھي ته پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ اوچتو وڏو گوڙ مچائيندڙ ڊوائس پڻ استعمال ڪري رهي آھي جئين گهوڙن تي سوار ھارين لاءِ رڪاوٽون پئدا ٿين،نھ رڳو ايترو پر رستي تي ترڪڻ ڪرڻ لاءِ بھ  روڊن تي گريس ھاريو ويو آھي.اھڙي رڪاوٽ مسلسل جاري رکڻ جي تياري جاري آھي. پوليس موجب ڪنھن اڻوڻندڙ واقعي روڪڻ لاءِ سي سي ٽي وي ۽ ڊرون جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

خميس تي چوٿين ڏينهن  بھ احتجاج جاري رھيو، حڪومت جي ٻن وزيرن ٻڌل ٽيم ھارين سان  ملاقات ڪئي ۽ جن مسئلي جي حل بابت ڳالھين کي مثبت قرار ڏنو.ڌرين ۾ 18 فيبروري تي ٻيھر ملاقات ٿيندي.ھاري اڳواڻ موجب ڳالھيون ڪيون پيا پر  احتجاج پرامن طريقي سان جاري رهندو.ٻئي طرف  دهلي ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري دهلي ويندڙ رستا بند ڪيا ويا  آهن،هارين پنجاب ۾ ريلوي سروس معطل ڪرڻ جو بھ اعلان ڪيو آهي. هندستاني هارين 2021 ۾ به اهڙو ئي احتجاج ڪيو هو، سمورين رڪاوٽون ٽوڙي شهر ۾ داخل ٿي ويا ھئا.

هي احتجاج  ھندستان ۾ عام چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ شروع ٿيا آهن،چونڊن ۾ وزيراعظم نريندر مودي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جو خواهشمند آهي.گذريل ڏينهن (15 فيبروري) ڀارتي پوليس پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ هارين تي ڊرون ذريعي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلن جي برسات ڪئي ۽ هارين پتنگن جو استعمال ڪندي ڊرون اڏائڻ شروع ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.