ڄامشورو جي پٿريلي صحن تي احتجاج کان هڪ ڏينهن اڳ ئي پنڌ نڪتل قافلا پهچڻ شروع ٿيا اڇي ٽوپي توڙي پٽڪا پهريل هزارين حر ائين لڳي رهيا هئا جيئن پياسو پکي پاڻي جي ڪنهن نديءَ تي لٿو هجي پاڻ جڏهن ساڻن ڳالهھ ٻولھه ڪئي ته چيائون اسان جا ڀڳ کلي پيا جو اسان کي پير سائين پاڳاري ياد ڪيو آ سائين جيڪو حڪم ڪندو اهو ڪنداسين اسين ڪفن سر سان ٻڌي آيا آهيون آءٌ سندن اهڙي حوصلي تي حيران هئس ۽ پنهنجو صحافتي فرض پورو ڪرڻ لاءِ رات تائين ويٺو رهيس ۽ حر فقير ڏاڍي ڊسپلين سان ننڍا ننڍا کيما کوڙي ويهي رهيا اڳين ڏينهن جي انتظار ۾ هزارن جي تعداد ۾ پهتل پانڌيئڙا پنهنجي مڪمل تياري سان آيل هئا ۽ ڀيڄ پاڳارا جون صدائون بلند ڪرڻ لڳا سورنهن تاريخ جو سج اڀرندي ئي هزارن جو تعداد لکن ۾ تبديل ٿيڻ لڳو هر طرف نعرا ڀيڄ پاڳارا هيا.
عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين واري معاملي تي جي ڊي اي جي سڏ تي سنڌ جي ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پيو هو ۽ ڄامشورو ضلعي جي نئين تاريخ رقم ٿي هئي ايڏو وڏو احتجاج ڄامشورو ۾ پهريون ڀيرو هو جي ڊي اي جي مرڪزي قيادت ۽ مختلف پارٽين جي اڳواڻن به پهچڻ شروع ٿيا هئا لکين ماڻهون اڀين پيري بيٺا رهيا ۽ ڄامشورو جو ايم نائن اڃان بند نه ٿيو هو گاڏيون پنهنجي رستي روان دوان هيون ڪنهن قسم جي ڪا ڇڙواڳي ٿيندي نظر نه آئي، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي واري روڊ جي ٺهيل پل کي اسٽيج طور استعمال ڪيو ويو ان جي سامهون ٻه ڪنٽينر ميڊيا ڪوريج لاءِ بيهاريا ويا هڪ ڪلو ميٽر تائين لائوڊ اسپيڪر لڳل هئا سيڪيورٽي جا انتطام حر مجاهدن سنڀالي ورتا هئا ۽ يارنهن وڳي ڄامشورو ٽول پلازا ڀرسان سپر هاءِ وي کي بند ڪيو ويو، لکن جي مجموعي ۾ هزارين عورتون به شامل هيون اسٽيج تي مرڪزي اڳواڻن پهچڻ شروع ڪيو، ۽ ڌرڻو جلسي گاھ جو ڏيک ڏيڻ لڳو.
اڳواڻن جي خطابن دوران زوردار نعريبازي ٿيندي رهي ان لکين ماڻهن نماز جمع پڻ اد ڪئي. حر فقيرن جو جذبو ڏسڻ وٽان هو جيڪي اڀين پيرين بيٺل رهيا ڪنهن به قسم جي بدنظمي نظر نه آئي ايمبولينس کي لکين ماڻهن جي مجموعي مان جاءِ ڏني پئي وئي، پير پاڳارا جي پهچڻ واري اعلان تي حر فقير جوش ۾ اچي ويا ڀيڄ پاڳارا جي نعرن سان سندس استقبال ڪيو ويو پير پاڳارا جيئن ئي خطاب لاءِ اٿيو ته لکين حرن احترامن خاموشي اختار ڪئي ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري خطاب ڪرڻ شروع ڪيو مون چونڊن ۾ دلچسپي ان ڪري به نه ورتي جو 3 مهينا اڳ ئي اليڪشن وڪرو ٿي چڪي هئي ۽ پيسا ورهائجي ويا هئا، هن خطاب جاتي رکندي وڌيڪ چيو ته فيڊريشن جي علامت فوج آهي پر هاڻي چونڊن ظاهر ڪيو ته ملڪ ۾ وفاقي پارٽي ناهي رهي، چونڊن ۾ جيڪو ڌاڙو هنيو ويو آهي ان خلاف جدوجهد ڪرڻ اسان جو آئيني حق آهي، جنهن کي کٽايو ويو آهي اهي پريشان آهن ۽ اسان رستن تي آهيون، وفاق م سياسي پارٽي ناهي صرف وفاق ۾ فوج آهي ان سان گڏ آهيون ان جي ڪري آرام سان آهيون گهمي ڦري رهيا آهيون هن چيو ته انٽرا پارٽي چونڊون سڀني ڪرايون، پي ٽي آءِ خلاف زمين آسمان هڪ ڪيو ويو، عمران خان چور آهي پهرين حڪمرانن توشا خانه مان نه کنيو، منهنجي خيال ۾ عمران خان چور ناهي غلطيون انسان کان ٿينديون آهن انهن سزا ڏيڻ بجاء موقعو ڏبو آهي عمران چور آهي ته پوءِ اسان سڀ چور آهيون، سيلاب آيو ته ٻوڙيو ويو، پي ٽي آءِ جي ماڻھن ڪمال ڪري ڏيکاريو، جيڪڏھن عزت ۽ انصاف نه ڏيندا ته ماڻهون ٻيو رستو اختيار ڪندا.
عدالت ڦاهي جي سزا ختم ڪرڻ فيصلو ڪري ٿي جيلر 6 مهينا اڳ جوابدارن کي ڦاهي ڏني وئي، نئين ايندڙ حڪومت 8، 10 مهينن کان وڌيڪ نه هلندي گذريل حڪومت ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، ملڪ جي معيشت کي هلائيندڙ مڊل ڪلاس کي تباھ ڪيو ويو آهي، فوج سڀني کي آزمايو آهي هاڻي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي جنهن کي جج صاحبان ئي صحيح قرار ڏيندا سياست کان ان ڪري پري رهندو آهيان جو ان ۾ ڪوڙ هڻڻا پون ٿا، مان ڪوڙ نٿو هڻ چاهيان هر طرف گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل هيون، ڄامشورو توڙي ڪوٽڙي جي عوام پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي هئي، پير پاڳاري جي تقرير ختم ٿيندي ئي لکين حر پنهنجي پنهنجي منزل طرف روانا ٿي ويا هئا ۽ ڄامشورو جي تاريخ ۾ هڪ وڏو احتجاج هڪ وڏو اجتماع پنهنجي ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو ٻن ڏينهن کانپوءِ مورو ۾ ٿيندڙ احتجاج کان پوءِ ڏسجي ته جي ڊي اي قيادت ڪهڙو ٿي اعلان ڪري ۽ ڪهڙا ٿي نتيجا حاصل ڪري ڇو ته سنڌ جون نظرون هن وقت جي ڊي اي طرف آهن.