هن کي ڏيئا وڻندا هئا
هو چمڙن جي اک ۾ هو
هن کي پوپٽ وڻندا هئا
هو چپٽين جي زد ۾ هو
هن کي گل وڻندا هئا
هو ڪنڊن جي وير ۾ هئو
هن کي ٻارن جون مرڪون وڻنديون هيون
هو درندن جي راھ ۾ رڪاوٽ هو
هن کي ديس سان عشق هئو
هو گوليءَ جي نشاني تي هئو
ڌرتيءَ رت سان تڙ ڪيو آهي!