نوشهرو فيروز ۾ ڦورن جي فائرنگ، ايريگيشن ٽريڊ يونين اڳواڻ قتل

نوشهرو فيروز (رپورٽ عتيق الرحمان وسطڙو) نوشهرو فيروز ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري اقبال احمد  لاڙڪ ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته اقبال احمد لاڙڪ پنهنجي پٽ آصف لاڙڪ ۽ ڀائٽيي عبدالغفار لاڙڪ سان گڏ ڪار ۾ مقامي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي اسڪارپ ڪالوني نوشهرو فيروز ڏانهن وڃي رهيا هئا ته ٻن ون ٽو فائيو موٽر سائيڪلن تي ڦورن سندن پيڇو ڪيو. ڪار اسڪارپ ڪالوني ۾ اندر داخل ٿي ته اقبال احمد لاڙڪ جو پٽ آصف لاڙڪ اسڪارپ آفيس لٿو ۽ ڪار ڪجهه پنڌ اڳتي هلي ته موٽر سائيڪل سوار ڦورن ڪار جو گهيرو ڪيو ۽ پئسا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اقبال احمد لاڙڪ پئسا ڀرسان هڪ بنگلي اندر اڇلايا جنهن تي ڦورن اقبال لاڙڪ مٿان سڌا فائر ڪيا جنهن ۾ هو زخمي ٿيو، فائرنگ تي ڪالوني واسي گڏ ٿي ويا ۽ ڦورو فرار ٿي ويا. اقبال احمد لاڙڪ کي فوري طور تي سول اسپتال نوشهرو فيروز آندو ويو جتي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ۽ ڪابه سهولت نه هجڻ ڪري ايمبولنس ذريعي نوابشاهه ريفر ڪيو ويو پر رستي ۾ دم ڏنو. ٻئي پاسي اڳواڻ جي قتل تي اسڪارپ يونين نوشهرفيروز جي صدرساگر يوسف منگي، خادم حسين مري، محمدطارق، علي نواز سولنگي، بشارت ميمڻ، عبدالخالق کوکر ۽ ٻين مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته ٽيجهي تائين ڦورو ظاهر ڪيا وڃن ۽ ٿيل قتل جو انصاف ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.