پ پ کي اسان جي ڪاميابي تي تڪليف پهتي آهي: خالد مقبول

ڪراچي ( رپورٽر ) متحده قومي موومينٽ (پاڪستان) جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سان ڪا دشمني ناهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي اسان جي 3 نقاطي آئيني ترميم لاءِ تيار آهي ته ان سان  سھڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،توهان کي اسان جي ڪراچي ۾ سيٽون کٽڻ تي وڏي تڪليف ٿي آهيگورنر هائوس ۾صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت سازي بابت ڳالهيون اڃا شروع نه ٿيون آهن هن چيو ته اسان پنهنجي ٽن نقاطي آئيني ترميمن جي منظوري تي بحث ڪنداسين ۽ وزارتون وٺنداسين خالد مقبول صديقي وڌيڪ چيو ته قومي ۽ صوبائي حڪومتن کي آئين جو تحفظ ڏنو ويو آهي، اهڙو آئيني تحفظ مقامي حڪومتن کي به ملڻ گهرجي، مقامي حڪومتن کي انتظامي ۽ مالي طور تي خودمختيار هجڻ گهرجي،هي اليڪشن 2018ع واري چونڊ کان بهتر آهي،هوڏانهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ٽن ترميمن سان ڪنهن جو سنڌو ديش جو خواب نه هوندو اهو به انهن ترميمن تي راضي ٿي ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.