پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر حليم عادل شيخ 5 مهينن کانپوءِ جيل مان آزاد

ڪراچي (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جو  صدر حليم عادل شيخ 5 مهينن کانپوءِ سينٽرل جيل ڪراچي مان آزاد ٿي ويو. تفصيلن موجب حليم عادل شيخ 171 ڏينهن جيل ۾ گذاريا. سندس آزادي جي موقعي تي سينٽرل جيل ڪراچي ٻاهران تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو، جن حليم عادل شيخ جو استقبال ڪيو. حليم عادل خلاف سرڪار جي فرياد تي مبينا ٽائون ۽ سولجر بازار جي ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا. سولجر بازار ۾ داخل ڪيس ۾ هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت ڏني وئي، جڏهن ته مبينا ٿاڻي واري ڪيس ۾ 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.